اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي ز??داري اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪي??رٽ?? فورسز کي خراج تحسين ڪندي ??هشتگردن سان وڙهندي ??ان جو ن??رانو پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت وطن جي دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت سمورن بهادر جوانن جي حب الوطني جي جذبي کي سارهيو. صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار به ڪيو. صدر مملڪت شهيد جوانن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي ??مورن شهيدن جي بلند درجن ۽ ڏکوئيل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ