اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسي??َ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ۽ بي پناهه مش??لا??ن جي باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ل??ءِ سيد علي گيلاني جو پختو عزم بي مثال هو. ترجمان چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جو سچو آواز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائين گهر ۾ نظربند رهڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر 2021ع تي ل??ڏاڻو ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي جي ل??ءِ سيد علي گيلاني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس ياد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ ا??لا??ي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار