اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي ا??لاس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي ا??لاس کان اڳ هڪ وزارتي ا??لاس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي?? اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 2024ع پاڪستان ۽ ايس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پاڪستان وٽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ا??لاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مس??لن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي ا??لاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ۾ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي ا??لاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مس??لن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي ا??اگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن ??ذر??ائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ا??لاس جي موقعي تي اڳ ۾ پاڪستان – ??ذر??ائيجان – تر??يه ٽه ڌريي سربراهي ا??لاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثقافت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي تعاون جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ڌريي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هي سربراهي ا??لاس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي ا??پيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي سطح تي ٽه ڌريي مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.
پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II