اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي مس??لن جي حل لاءِ 23 ارب رپين ??ي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي خصوصي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، آزاد ڪشمير جي وزيرن ۽ اعليٰ سياسي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اتحادي پارٽين ??ي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تازي صورتحال جو تفصيلي جا??زو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام جي مس??لن کي حل ڪرڻ جي لاءِ 23 ارب رپيا فوري فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪشميري قيادت ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا