اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪردار، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي دستاويزي ۽ حڪومتي ڏيتي ليتي ڊيجيٽل بڻائڻ سان شفافيت کي هٿي ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان آفيس جي دور?? جي موقعي تي ڪيو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل صدر کي ادار?? جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاج?? جي استعمال سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، قومي خزان?? جي صحيح استعمال ۽ شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگراني لازمي ??هي. صدر چيو ته حڪومتي مالي انتظام جي نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ خامين جي نشاندهي ۾ آڊيٽر جنرل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، حڪومتي خرچن ۾ شفافيت ۽ مالياتي احتساب مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قانوني فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت ??هي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان صدر کي مالياتي احتساب جي عمل ۾ ادار?? جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جو ادارو آڊٽ عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، آڊيٽر جنرل مالي سال 23 – 2022ع ۾ 95 سيڪڙو ڪمپلائنس آڊٽ مڪمل ڪيا، آڊٽ ۽ اڪائونٽنگ عمل ۾ بهتري سان شفافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس کي هٿي ملندي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽولز کي آڊٽ عمل ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، آڊٽ جي عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم فعال ڪيو ويو. اڪائونٽنگ عمل جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پينشنرز کي موثر انداز ۾ رقم جي ادائيگي ۾ مدد ملي ??هي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ادار?? جي ڪارڪردگي ۾ اضافي سان شهرين کي سڌوسنئون فائدو پهچندو. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان حڪومت سم??ت مختلف ادارن کي آڊٽ جون خدمتون فراهم ڪري رهيو ??هي. صدر حڪومتي شعبي ۾ شفافيت ۽ پارلياماني نگران?? جي نظام ۾ مدد ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ڪردار، سرگرمين ۽ آڊٽ نشاندهين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن