ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان بن عبدالله ڊي??وس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻ??ئڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ گڏيل مفادن سان واڳيل آه??. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ?? عوامي رابطن سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جو خواهشمند آه??. نگران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي ع??ب جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا علائقائي استحڪام جو ذريعو آه??.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا