اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 ڪروڙ 62 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ بابت تازي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انهن ٻ??رن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي ل??ءِ ”تعليمي ايمرجنسي“ هڻي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ، تعليمي اد??رن ۾ ڊ??ل شفٽ، ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام ۽ مسجدن کي ٻ??رن ۽ ٻارڙين ج?? تعليم جو مرڪز بڻائڻ جي ضرورت آهي، مسجدن ۾ تعليم ڏيڻ جي ل??ءِ نئين گريجوئيٽس ۽ انٽرميڊيئٽ ٻ??رن ۽ ٻارڙين ج??ن خدمتون حاصل ڪيون وڃن، اعليٰ تعليم جي شرح کي وڌائڻ جي ل??ءِ آن لائين تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ٻين شعبن ۾ پيشيواراڻي تربيت حاصل ڪندڙن کي پاڪستان ج?? اندر ئي اهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن ج?? اهي ٻاهرئين ملڪ نه وڃن. هو تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي اهتمام هيٺ تعليم جي عالمي ڏينهن ج?? مناسبت سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تريبت واري وفاقي سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري، اسپيشل سيڪريٽري محي الدين واني، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ج?? ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد شاهد سرويه، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن بختاوري، الله والا ٽرسٽ جي سربراهه شاهد انور سميت تعليم واري وزارت جي عملدارن، يو ايس ايڊ، يونيسيف، يونيسڪو، جائيڪا کانسواءِ تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ترقياتي شعبي جي نمائندن ج?? وڏو انگ تقريب ۾ شريڪ هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ج?? تعليمي شمارياتي رپورٽ 22 – 2021ع ۾ 2 ڪروڙ 62 لک ٻ??رن جي اسڪولن کان ٻاهر هجڻ جو ٻڌايو ويو آهي. ايترو وڏو انگ اسان ج?? لاءِ هڪ چئلينج آهي، ميٽرڪ جي سطح تي 44 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اسان ج?? خطي جي ٻين م??ڪن ۾ اسڪولن ۾ ٻ??رن جي داخلائن ج?? شرح 98 کان 100 سيڪڙو آهي. هن چيو ته 2 ڪروڙ 62 لک ٻ??رن کي اسڪولن ج?? اندر آڻڻ جي ل??ءِ وڌيڪ 50 هزار اسڪولن ج?? ضرورت آهي، اسان ج?? صوبائي حڪومتن ج?? تعليمي بجيٽ 25 کان 28 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ايتري وڏي انگ ۾ اسڪول ٺاهڻ جي ل??ءِ ڪيترائي سال گهربل هوندا، پر ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اسان کي نئين طريقن بابت سوچڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ته مسجدن ۾ بجلي، پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي ضرورتون ميسر آهن ۽ پاڪستان ۾ مسجدون لکن ج?? انگ ۾ آهن، مسجدن ۾ ٻ??رن ۽ ٻارڙين کي جدا جدا وقت ۾ پڙهائي سگهجي ٿو. تعليم واري وزارت سان گڏجي مسجدن کي سکيا جو مرڪز ٺاهي اسان اسڪولن کان ٻاهر ٻ??رن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جا هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ انٽرميڊيئٽ کانپوءِ ٻار ۽ ٻارڙين کي سيلف ڊفينس جي تربيت ڏني ويندي هئي، ان کي مثال جي طور تي اسان سامهون رکي پنهنجي گريجوئيٽ ۽ ايف ايس سي ٻار ۽ ٻارڙين کي اسڪولن کان ٻاهر ٻ??رن کي مسجدن ۾ آڻي تعليم ڏني وڃي. هن چيو ته انٽرميڊيئٽ کانپوءِ اعليٰ عليمي اد??رن ۾ داخلا حاصل ڪندڙن ج?? شرح 10 کان 12 سيڪڙو آهي، اسان ج?? پاڙيسري م??ڪن ۾ اها شرح 24 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ان ج?? لاءِ اسان کي شاگردن ج?? انگ وڌائڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. ورچوئل يونيورسٽي آن لائين تعليم جي ذريعي 30 کان 65 هزار داخلا اضافي ڪيا آهن انهن کي به اسان اسڪولن کان ٻاهر ٻ??رن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي تقريب جو سلوگن تعليم جي ذريعي امن آهي پر آئون اهو سمجهان ٿو ته تعليم سان گڏوگڏ تربيت ۽ اخلاقيات تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته دنيا ۾ تعليم يافته ماڻهو به ظلم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڌريون حقيقي معنيٰ ۾ اسان ج??ن مددگار آهن، انهن کان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري اسان اسڪولن کان ٻاهر ٻ??رن جي بار کي گهٽ ڪري سگهون ٿا. هن تعليم واري وزارت پاران ڊسليڪسيا بيماري ۾ مبتلا ٻ??رن ۽ ٻارڙين ج?? تعليم لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ج??ڪو ساراهه جوڳو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ روزگار جا ناڪافي موقعا هجڻ جي ڪري پڙهيل لکيل ۽ هنرمند ماڻهو ٻاهر وڃي رهيا آهن، انهن ماڻهن ج?? لاءِ ملڪ جي اندر موقعا ۽ سهولتون ڏيڻيون پونديون. هن چيو ته اسان وٽ مشورن ج?? ڪا کوٽ نه آهي پر ٻ??رن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي ل??ءِ اسان کي عملي قدم کڻڻا پوندا.
صدر پاران 2 ڪروڙ 62 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ بابت تازي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری