اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ترڪيه واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهي ٿو، ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نوان ۽ پرڪشش موقعا پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نگران وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ قيادت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستاني عوام جا ترڪيه سان تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، صدر اردوان کي پاڪس??ان ۾ به ايتري ئي مقبوليت حاصل آهي جيترو هو پنهنجي ملڪ ۾ مقبول آهي. نگران وزيراعظم فيبروري 2023ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ترڪيه جي نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراه??و ۽ ترڪ عوام جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي تياري جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفن لاڳاپن تي نگران وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهن ٿا، پاڪس??ان غيرملڪي سيڙپڪارن کي راغب ڪ??ڻ جو خواهشمند آهي انهي لاءِ ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نوان ۽ پرڪشش موقعا پيدا ڪ??ڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي پاڪس??ان جي پراڻي ۽ ثابت قدم حمايت تي ترڪيه کي ساراهيو، مضبوط ۽ وقت تي ساٿ ڏيندڙ ٻطرفن لاڳاپن کانسواءِ پاڪس??ان ۽ ترڪيه اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن سميت وسيع علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هڪ ٻئي سان هم آهنگي ۽ ويجهو تعاون ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر