ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪ??تا?? جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي بلوچ??تا?? جي عوام جو ٻيو گهر آهي ۽ تعليم د??ران اسان موڪلون گذارڻ ڪراچي ايندا هئاسين، بعد ۾ خبر نه آهي ڪنهن جي هن شهر کي نظر لڳي وئي ۽ هي شهر جيتريون خوشيون ڏئي رهيو هو ائين ئي هتي ڏک به ڏٺا ويا. ڪراچي مختلف رنگ ۽ نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گلدستو آهي. الله تعاليٰ سان جي دلين کي ڳنڍيندو ۽ گڏيل نفرتن کي ختم ڪندو ۽ پوءِ هڪ نئين ڪراچي ۽ نئين پاڪ??تا?? جي شروعات ٿيندي ۽ اهو ئي اهو پاڪ??تا?? هوندو جنهن جو علامه محمد اقبال خواب ڏٺو هو ۽ ان جي قيام جي لاءِ قائداعظم م??مد علي جناح جدوجهد ڪئي هئي. قائداعظم عام م??ڻهن جي لاءِ پاڪ??تا?? ٺاهيو هو ۽ هو عام م??ڻهو جو اڳواڻ هو. الله تعاليٰ کيس بصيرت عطا ڪئي هئي. اسان جي خطي ۽ پاڙيسريت ۾ جهڙي طرح مسلمان ڀائرن ۽ ٻين اقليتن جو حال آهي، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪيتري وڏي نعمت قائداعظم جي بصيرت جي ڪري اسان کي حاصل ٿي ۽ هو ايندڙ حالتن کي پرکي چڪو هو ۽ هن عملي جدوجهد ڪري اسان جي لاءِ هڪ جدا وطن حاصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان قيامت تائين انهن جا احسان مند رهنداسين. ان احسان مندي جي گهرج آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ پاڪ??تا?? قائم ٿيو ان کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ان موجب زندگي گذارڻي آهي. اسان کي گڏيل احترام ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسلام اسان کي هڪ ٻئي جو مال ناحق طري??ي سان کائڻ کان منع ڪ??ي ٿو. هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ۽ برداشت ۽ تحمل سان 92 سيڪڙو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، سنڌ جو گورنر ۽ چيف سيڪريٽري ان حوالي سان توهان سان رابطي ۾ رهندا. ڪيترائي معاملا حل ٿي ويندا ۽ شايد ڪجهه حل نه ٿي سگهن. اسان هڪ ٻئي جي مجبورين ۽ حدن کي سمجهون ٿا پر ڪوشش ڪنداسين. پنهنجي مقرر مدي ۾ احسن طري??ي سان پنهنجو فرض ادا ڪنداسين.
ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری