اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪر?? جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪر?? تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دا??ن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پيداوار ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس ۽ حڪ??متي قدمن سان نه رڳو ڪپهه جي پيداوار جي زمين تي في ايڪڙ پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪ??متون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪ??مت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪ??متن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. اسان ڪپهه جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپهه جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ