اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪيون هڻي ٿو، هن شخص قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، عمران خان ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي ۽ مهم جوئي ڪري ٿو، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، هن کي خبر آهي ته جنهن ڏينهن عدالت آڏو پيش ٿيو ته پڪڙيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ فارن فنڊيڊ ايجنٽ، گهڙيءَ چور پوليس کي ڏسندي ئي لڪي وڃي ٿو ۽ پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هي پنهنجي ٻرِ کان ٻاهر نڪري ڀڀڪيون هڻي ٿو، هن شخص پاڪستان جي قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ان جي باوجود هي شخص عدل جي نظام جي اکين تي سوار آهي. هن چيو ته هن شخص کي خبر آهي ته جيترو وڌيڪ رڙيون ڪندو ايترو جلدي ان کي ريليف ملي ويندو. ان کي خبر آهي ته هي عدليه تي حملي آور ٿيندو، غنڊه گردي ڪندو، عدليه کي ڌمڪائيندو ته کيس ضمانت ملي ويندي، هي شخص عدالت آڏو ان لاءِ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته ان کي خبر آهي ته هي گهڙيءَ چور ۽ فارن اي??نٽ آهي، هن پاڪستان جي عوام کي ڦريو ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو آهي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته جنهن ڏينهن هي عدالت آڏو پيش ٿي ويو ته پڪڙيو ويندو. هن چيو ته ان کي جڏهن پوليس پڪڙڻ اچي ٿي ته هي رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، هي پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي وٺي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن شخص بابت اهو ئي مثال آهي ته مون چوري ڪئي آهي ته منهنجو ڇا ڪري وٺندا، پوري جو پورو نظام ان جي هٿان مج??ور آهي. هن چيو ته عمران خان ادارن جي خلاف غلاضت اوڳاڇي ٿو ۽ مهم جوئي ڪري ٿو، عمران خان کي خبر آهي ته هو عدليه تي حملو ڪندو، ڌمڪيون ڏيندو ته ان کي بيل ملي ويندي. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن ڏوهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي پر اهو رڳو ٻرِ ۾ ويهي سگهي ٿو. هن چيو ته زمان پارڪ ۾ سمجهوتا ايڪسپريس روانگي جي لاءِ تيار آهي پر اهي سمجهوتي نه اين آر او جي لاءِ منٿون آهن، فارن اي??نٽ توشه خانه چور کي اين آر او گهرجي، ان کي ان وقت سو??ڻ گهرجي ها جنهن وقت گهڙيءَ چوري ۽ توشه خانه ۾ ڌاڙو هڻي رهيو هو، پنهنجي ملازمن جي ذريعي اي??نٽ بڻجي فارن فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو.
گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪيون هڻي ٿو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔