اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر ??ملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ون?? مان جاري بيان مطابق صدر ??ملڪت شهيد نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گهر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر ??ملڪت شهيدن جي والدين سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِساري نه سگهبيون، قوم وطن جي بهادر ??ُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر ??ملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي باقيات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام