ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين، ا??ن ايچ ا?? اختياريون قومي ش??هراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدرآباد موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي ش??هه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، ا??ن ايچ ا?? اختياريون، موٽروي پوليس ۽ ب??ن ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ ا??ن ايچ ا?? اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ش??هه ا??ن ايچ ا?? جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي ش??هراهه شديد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪ??ششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي ش??هراهن جي بحالي ا??ن ايچ ا?? جي پهرين ترجيع آهي ۽ ا??ن ايچ ا?? اختياريون قومي ش??هراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪ??ششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.
سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪنداسين، اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن: مواصلات ۽ پوسٽل سروسز وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ