انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??رڪي جي مشهور ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مختلف منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??نقره ۾ ترڪ سيڙپڪارن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان ??ياه قلم انجنيئرنگ جي وفد ڪمپني جي صدر سنگيز اوزدمير جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن تي اعتماد ۽ ڪمپني پاران ??ولر، ونڊ، پن بجلي، ويسٽ مينيجمينٽ ۽ هائوسنگ جي منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ترڪي جي مشهور ڪمپني آرچيلڪ جي وفد ڪمپني جي چيف ڪمرشل آفيسر سان ??نسر جي قيادت ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ??ي حڪومت پاران ٻاهرين سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪ??و، وزيراعظم سان ??ورلو انرجي ترڪي جي وفد سي اي او سينان ??ي ڪي جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ زورلو انرجي پاران ??وانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته چار سالن کان گذريل حڪومت جي غفلت جي ڪري جن منصوبن تي ڪم رڪيل هو انهن کي هن حڪومت جي ايندي ئي شروع ڪيو ويو آهي جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ کي ترجيح ڏيڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان ??لبيراڪ ڪمپني جي وفد صدر احمد البيراڪ جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل حڪومت ۾ ڪمپني جي ساک کي نقصان پهچايو ويو ۽ ان ??ي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ان ??ي ورڪرن کي هروڀرو گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ انهن تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افسوس ۽ ڏک جو مقام آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري روڪڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي، گذريل حڪومت گذريل حڪومتن جي سمورن منصوبن کي سياسي دشمني ۾ تباهه ڪ??و، هن چيو ته سمورن سيڙپڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم چيو ته هن پنجاب جي وڏي وزير طور ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جي معاهدي ۾ 90 ملين ڊالر بچايا. ڪمپني جي وفد وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي گهري اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائندي کين پاڪستان ??چڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهباز شريف سان ??يات ڪيميا ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ علي زيبڪ جي قيادت ۾ وفد به ملاقات ڪئي ۽ حيات ڪيميا پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي حوالي سان ??گاهه ڪ??و، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??مورن مسئلن جي خاتمي جون هدايتو?? جاري ڪيون.
وزيراعظم سان ترڪي جي مشهور ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ