اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين جي مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 3 رهجي ويو. پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وبا پکڙجڻ تي وز??راعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا، ??ن ڏس ۾ وز??راعظم کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ هيضي جي وبا جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پاڻي جي استعمال سان ٿيو. وز??راعظم جي هدايت کانپوءِ پاڻي جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان جي ڪلورينشن کانپوءِ ان کي ??يئڻ کانسواءِ استعمال جي لاءِ ??وليو ويو آهي. رپورٽ موجب وز??راعظم جي هدايتن جي روشني ۾ صوبائي حڪومت پاران فوري طور تي دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پيرڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊيڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پيرڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پيراميڊيڪل اسٽاف جي عملي کي ??يرڪوهه مقرر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرڪوهه ۽ ڊيره بگٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي ??قيني بڻائڻ سان گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ منشيات جي خاتمي وارو وز??ر نوابزاده شاهه بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، ??حت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره بگٽي جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي ۽ پي ڊي ايم اي پاران 4000 گيلنز صاف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وز??راعظم جي خصوصي هدايت تي پيرڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. متاثر ماڻهن کي ??وري طور تي طبي امداد سان گڏوگڏ صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون. رپورٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، هڪ 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ جي لاءِ ??هٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن