اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين ??عاشي صورتحال ۽ اقتصادي چ??لينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزُون ۽ سفارشُون جوڙڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروباري برادري سميت سمورن لاڳاپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ ايندر ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن معاشي ماهرن تي ٻڌل هوندي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ معاشي ماهرن کي سفارشن جي تياري جو حڪم ڏنو ويو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ م??ڪي معاشي صورتحال، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين ??رضن جي صورتحال سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ??دا??ت ڪئي ته معاشي صورتحال ۽ سنگين ??الي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها ??دا??ت به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي ??دا??ت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي مانيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي وچ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.
وزيراعظم پاران ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزون ۽ سفارشون جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون