مظفرآباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روايتي علاج جي طر??قي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لاءِ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي قابل قدر انساني وسيلن مان فائدو کڻڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه??. هن مظفر آباد ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ پروفيشنلز صحت جي ڪيترن ئي نظرانداز شعبن ۾ مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جتي آگاهي جي ذريعي واضح فرق پيدا ڪري سگهجي ٿو، صدر وڌندڙ آبادي، عورتن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي گهٽتائي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ احتياطي تدبيرن بابت ڊاڪترن جي رهنمائي لاءِ موثر پاليسي تي زور ڏنو، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي 10 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس جو شڪار آه?? جنهن تي تقريبن 3 ارب ڊالر خرچ ايندو آه??، هن چيو ته عورت ڊاڪٽرن کي پنهنجو پروفيشن جاري رکڻ لاءِ انهن جي صرف حوصلا افزائي ڪا??ي نه آه??، پر عملي حڪمت عملي جي جوڙجڪ وقت جي ضرورت آه??، هن آن لائين طريقن سان طبي مشاورت ۽ ٽيلي ميڊيسن جي نقطه نظر جي فروغ جي تجويز ڏني ته جيئن عورت ڊاڪٽرز پنهنجي پروفيشن ۾ ڪم جاري رکي سگهن جيڪي پنهنجي گهريلو ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ ملازمتون ڇڏي ڏينديون آه??، هن چيو ته ملڪ کي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ موجوده 2 لک نرسن جي مقابلي ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آه??، هن چيو ته ميڊيڪل گريجوئيٽ ڊاڪٽر بڻجي انسانيت جي خدمت ۽ همدردي جي عمل ڪن. هن روايتي پيشيوراڻي تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن جي سٺي ڪردارسازي جي اهميت تي زور ڏنو، هن چيو ته ميڊيڪل گريجوئيٽس پنهنجي پروفيشن کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري ادا ڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي انسانيت جي مدد ۾ معاونت ڪن، انسانيت جي سارسنڀال کانسواءِ ميڊيڪل جو شعبو نامڪمل آه??، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هيلٿ سائنسز اينڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميرين جي حمايت ڪئي ۽ دنيا کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا مسلسل ياد ڏياريندو رهيو آه??، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي تازي اجلاس دوران ڀارت جي غير قا??وني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن کي اجاگر ڪيو ويو، هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمان بنيادي انساني حقن کا?? محروم آه??. صدر جينوسڊ واچ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اقليتن کي شديد نفرت درپيش آه??، جڏهن ته ڀارتي حڪومت وادي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??، صدر ڪامياب ٿيندڙ گريجوئيٽس، والدين ۽ استادن کي انهن جي ڀرپور محنت تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته خانداني نظام پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاشري جي خوبصورتي آه??، جنهن سان ملڪ جا شهري پاڻ ۾ جڙيل آه??.
صدر پاران روايتي علاج جي طريقي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی