اسلام آ??اد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد افغان عو??م کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ ??هي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي صحيح جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي ب??نڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد افغان عو??م کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ ??هي، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عو??م کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغان عو??م کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد افغان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.
افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر/حسين ابراهيم طلحهٰ
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن