اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعل??م جي طريقيڪار کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ تعل??م جي شعبي ۾ ان??لابي تبديلي کي ??ازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدان ۾ قوم کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صدر کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ان جي مهارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز تخليق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شعبن جهڙوڪ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن ??روگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل ان??يليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي ??ورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي وڌندڙ گهرج کي ??ورو ڪرڻ جي لاءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ آن لائين تعل??م جي طريقيڪار کي ??روغ ڏيڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ شاگردن جي مهارت کي ??روغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي وڌندڙ گهرج کي ??ورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار کي به وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ جدت کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي منصوبن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ سائنس جي تعل??م جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں