اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، اسلام وراثت ۾ عورتن کي ح?? ڏنا آهن، عورتن جي تعليم جي ح??الي سان احس??س پروگرام انتهائي موثر ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي، عورتون آءِ ٽي جي ذريعي گهر ويٺي روزگار ڪمائ?? رهيون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار صنفي برابري جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام آڪسفيم پاڪستان ڪيو هو جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن، آڪسفيم جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي نمائندن تي زور ڏنو ته اهي صنفي برابري ۽ عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عورتن ج?? رهنمائي ڪن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عورتن کي گهر ويٺي بااختيار بڻايو آهي ۽ اهي پاڻ روزگار ڪمائ?? رهيون آهن. صدر ??يو ته عورتن کي وراثت سميت انهن جا حق ڏيڻ جي لاءِ معاشري ۾ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، حڪومت احس??س پروگرام ۾ عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بنائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. صدر ??يو ته تعليم کانسواءِ عورتن جي ترقي ممڪن نه آهي، بئنڪون عورتن کي ڪاروبار جي لاءِ 10 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏئ?? رهيون آهن، ملڪ ۾ عورتن کي بنيادي سطح ۽ اسيمبلين ۾ نمائندگي حاصل آهي. هن چيو ته ڀ??رت ۾ اقليتن کي مذهب جي نالي تي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسلام برابري جو درس ڏي ٿو، اسلام ڪنهن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي.
عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria estadual