اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دوري جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي نائب پر??يهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد ا??هر، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن س??ودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان س??ن ملاقات به ڪئي، دوري جي موقعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.
وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste