اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پ??ڪس??ان يورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي،
ملاقات دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين جي صورتحال سم??ت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته يورپي ملڪن ۾ پ??ڪس??انين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪو ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??اني ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پرويز اقبال لوسر پرڏيهي وزير کي پاڪ اي يو فرينڊشپ فيڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان مفيد بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير يورپي ملڪن ۾ پ??ڪس??اني ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ پ??ڪس??ان يورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي خدمتن کي ساراهيو. منهنجي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سم??ت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان مفيد ملاقاتون ٿيون،
مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون يورپي يونين جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي افغانستان جي موجوده صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو. يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خدمتن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر پيش ڪيا. شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪس??ان يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيدري لاءِ پرعزم آهي، پ??ڪس??ان يورپي يونين فرينڊشپ فيڊريشن جي چيئرمين پرويز اقبال لوسر پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ ان موقعي تي يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو.