اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. وزي??اع??م عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو پروگرام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ انهن کي مالي ل??اظ کان بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وڌ??ڪ چيو ته اهو پروگرام يقيني طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون پروگرام آهي جنهن تحت مائيڪرو ??نانس ادارن جي ذريعي بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسواءِ ڪاروبار جي ل??ءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي ل??ءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته پروگرام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪستان پروگرام سان ڳنڍيو ويندو.
ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاح جي تياري مڪمل، وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪندو: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔