اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن هندستان عالمي قانون غيور ڪشميري عوام جي امنگن ۽ حقن کي پائمال ڪندي مسلم اڪثريتي آبادي تي مشتمل رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبض?? ڪري ورتو، اِهو ا??هو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميري عوام کي محڪو بڻائڻ لاءِ پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي، وفاقي وزير 27 آڪٽوبر يوم سياهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بهادر ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پ??هنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم جدوجهد ڪ??ي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج