اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ??مر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وق?? به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 سيڪڙو وڌايون ويون آهن، وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو مافياز ۽ ذخيره اندوزن سان آهي، انهن کي به بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ مافياز کي تحفظ ڏنو، اسان مافياز کي ٽوڙينداسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي مضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپن جي خلاف ايڪشن و??تو ويندو، اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آهن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وق?? جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پيٽرول پمپن جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويزن ۾ منهنجو ڪو عمل دخل نه آهي، پنهنجي اثاثن جا تفصيل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم چاهي ته انهن کي پبلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير ??مر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وق?? اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمت 112 سيڪڙو وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ان جي قيمت ۾ اٽڪل 25 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. جنهن وق?? قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وق?? به وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي وزيراعظم تحفظ ڏئي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي: عمر ايوب/ نديم بابر
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں