اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) حڪومت پاران ڳالهين لاءِ ٽيم جي سربراهه پرويز خٽڪ ??يو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جمهوريت نه ٿا چاهين پر زبردستي حڪومت ڪيرائڻ چاهين ٿ??، هڪ طرف ڳالهين ۽ ٻئي طرف ڪاهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿ??، وزيراعظم جي استعيفيٰ تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، ان بابت ڪير سوچي به نه، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي عدالت سان رجوع ڪنداسين ان حوالي سان اسان جو ڪيس تيار ٿي رهيو آهي، مخالف ڌر جي لاءِ اسان جا دروازا اڃا به کليل آهن، ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون پر جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو ته سڀ ذميواري ??خالف ڌر تي هوندي، چونڊن ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ ??يو ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي متفقه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج