استنبول-15 ڊ??مبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي بيروت رستي فوري واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي لب??ان جي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪال تي لب??ان جي وزيراعظم فوري ايڪشن وٺندي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي فوري سهولت فراهم ڪئي جنهن سان اسانجي لاڳاپن جي مض??وطي ظاهر ٿئي ٿي، پاڪستان لب??ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. استنبول ۾ لب??ان جي اطلاعات واري وزير ميڪيري سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عطاالله تارڙ لب??ان جي علائقائي سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جو رستو هموار ڪيو جنهن تي لب??ان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ لب??ان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپا آهن، پاڪستان لب??ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير چيو ته سموري پاڪستاني قوم ان ڏکئي وقت ۾ لب??ان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي لب??ان جي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ لب??ان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جنگ سبب متاثر لب??ان جي عوام لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي مض??وطي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان لب??ان جي عوام جي امداد ڪئي. هن چيو ته بيروت ايئرپورٽ تي پاڪستانين جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي ته اهي وطن واپس موٽي رهيا آهن. لب??ان جي اطلاعات واري وزير ٻ?? طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ مض??وط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ لبنان جي اطلاعات واري وزير وچ ۾ ملاقات، لبنان جي علائقائي سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز