اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدم?? واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جي ايس پي پلس پاڪستاني روانگي واپار جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت کي ??تنوع بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، ان جي فائدن کي ??ستقل بڻائڻ لاءِ معيار ۽ پاليسين کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي برقرار رهي. اهڙو اظهار هن فريڊرڪ نعمان فائونڊيشن تحت واپار ذريعي بهتر گورننس کي ??ٿي ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي ايس پي پلس پروگرام پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو آهي، ٽيڪسٽائل، چمڙي جي سامان ۽ زرعي مصنوعات جي شعبي کي ??ائدو پهتو آهي، ٽيڪسٽائل يورپي يونين جي پاڪستاني روانگي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، جي ايس پي پلس تحت وڌندڙ روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ غربت ۾ گهٽتائي آندي. احسن اقبال چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان جون ڳالهيون ماحولياتي معيارن ۽ گورننس سڌارن تي ٻڌل آهن، پاڪستان کي ??يڪنالاجي ۽ هنر جي ترقي لاءِ يورپي يونين کي ??اپاري پاليسي مان فائدو کڻڻ گهرجي، يورپي يونين سا?? واپاري حصيداري پاڪستان لاءِ اهم آهي، احسن اقبال چيو ته جي ايس پي پلس پروگرام اقتصادي ترقي، گورننس ۽ واپاري لاڳاپن کي ??ٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، واپار، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري وچ ۾ تعاون ضروري آهي ته جيئن ان پروگرام جي مڪمل صلاحيت کي ??قيني بڻائي سگهجي. حڪومت جي پائيد??ر ترقياتي ايجنڊا ۾ واپار ۽ روانگي واپار کي اولين ترجيح ڏني و ئي آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. احسن اقبال چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري اهم ثابت ٿيندي، 5 ايز فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ، انرجي، ايڪويٽي، اي پاڪستان ۽ انوائرمينٽ شامل آهن. ملڪي معيشت مثبت رخ تي گامزن آهي. جي ايس پي پلس سان يورپي منڊين لاءِ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، موسمياتي تبديلي جي اثرن سان پاڪستان جي معيشت کي ??قصان پهتو. هن چيو ته مستقبل ۾ 2022ع جهڙي ٻوڏ کي ??نهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ تجديد جوڳي توانائي کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جي ايس پي پلس تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي. روانگي واپ??ر تي ٻڌل معيشت سان ئي پائيد??ر ترقياتي هدفن جي حاصلات ممڪن آهي.
جي ايس پي پلس ملڪ جي معيشت کي گهڻ رُخي بڻائڻ ۽ روانگي واپار جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا