اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪارروايون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر آصف علي زرداري پن??نجي بيان ۾ چيو ته ميجر محم?? حسيب ۽ حوالدار نور احمد کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران سلام آهي، ملڪ جي دفاع دوران وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي پوري قوم شهيدن جي ٿورائتي آهي. صدر ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ ج??يل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات