اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ قائم امدادي فنڊ ۾ وڌي چڙهي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پا??ستان سرديءَ جي موسم جي لاءِ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ جلد وڌيڪ 3 هزار ??يما ۽ 12 هزار ڪمبل موڪليندو جڏهن ته 8 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين امدادي شين جي 12 ڪارگوز فلسطين ۽ لبنان موڪليا ويا آهن جن ۾ 3145 خيما، 12625 ڪمبل سميت کاڌي پيتي جون شيون، خشڪ کير ۽ دوائون شامل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ پا??ستان پاران موڪل?? ويندڙ امداد جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فلسطين، غزه ۽ لبنان جي مسلمانن کي مصيبت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيراعظم حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي پڻ پنهنجي فلسطينين ڀينرن ڀائرن جي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ پا??ستان حڪومت امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم اپيل ڪئي ته پا??ستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرائين، پا??ستان ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پا??ستاني IBAN: PK11SBPD0000001111114292 Raast ID: 01111114292 ۾ عطيو جمع ڪرائي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀينرن ڀائرن جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. وزيراعظم چيو ته پا??ستان سرديءَ جي موسم جي لاءِ فلسطين، غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ وڌيڪ خيما ۽ ڪمبل موڪليندو، پا??ستان فلسطين ۽ لبنان ۾ معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ جلد وڌيڪ 3 هزار ??يما ۽ 12 هزار ڪمبل موڪليندو. وزيراعظم پا??يسري ملڪن ۾ پا??ستان جي سفيرن کي خيمن ۽ ڪمبلن جي گهربل انگ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون پڻ موڪلي رهيو آهي، اسرائيل جو فلسطينين تائين امداد ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ ڳڻتي جوڳو ۽ مذمت جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون ڪندڙ اين جي اوز جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو آهي، فلسطين ۽ لبنان جي پا??يسري ملڪن ۾ پا??ستاني سفير پا??ستان پاران موڪل?? ويندڙ شين جي پهچ کي تيز ۽ يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ??دا ڪن. وزيراعظم چيو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اسرائيلي جارحيت پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهي آهي، عالمي قوتون اسرائيل کي معصوم ماڻهن جي نسل ڪشيءَ کان فوري طور تي روڪين، تاريخ گواهه آهي ته 20هين صديءَ ۾ عالمي جنگين جو وڏو سبب عالمي قوتن پاران اهڙن تڪرارن تي خاموش هيون. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت وزيراعظم کي امدادي شين جي رستن، پهچ جي ذريعن ۽ شين جي تفصيل ک??ن آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 8 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين امدادي شين جا 12 ڪارگوز فلسطين ۽ لبنان موڪليا ويا آهن، انهن ڪارگوز ۾ 6 چارٽر، 3 پا?? فضائيه جون خصوصي اڏامون ۽ 3 ڪارگوز سامونڊي رستي موڪليا ويا. موڪل?? ويندڙ شين ۾3145 خيما، 12625 ڪمبل سميت کاڌي پيتي جون شيون، خشڪ کير ۽ دوائون شامل آهن. وڌيڪ 3 هزار ??يما ۽ 12 هزار ڪمبل ايندڙ ٽن اڏامن جي ذريعي موڪليا پيا وڃن. وزيراعظم کي اين جي اوز پاران موڪل?? ويندڙ شين جي تفصيل ک??ن پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جو پهريون گروپ لاهور پهچي چڪو جڏهن ته ٻيو گروپ پڻ گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچ?? ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيڪل سان گڏوگڏ ٻين شعبن ۾ پڻ شاگردن جي پا??ستان جي يونيورسٽين ۾ تعليم جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته امدادي شين جي مقدار کي وڌايو وڃي خاص طور تي موڪل?? ويندڙ شين ۾سرديءَ کان بچاءُ جا فائر پروف خيما ۽ ڪمبل وڏي انگ ۾ شامل ڪيا وڃن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته موڪل?? ويندڙ شين جي معيار ??ي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار ??اڻا ثناءُ الله، خاص معاون طارق فاطمي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سرنديءَ وارن کي صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبنانين جي مدد جي لاءِ قائم امدادي فنڊ ۾ عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب