اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آه?? ته ملڪي معاشي ترقي ۽ ادارن کي جدت سان روشناس ڪرائڻ ۾ سي او اوز ۽ سفارتڪارن جو وڏو هٿ آه??، اڄ اسان معاشي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيا آه??ون، پاڪستان کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ لاءِ عدم استحڪام، معاشي بحالي ۽ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظاهر هن ڪالهه هتي ”پاڪستان جي 100 ڪاميابي ترين سي او اوز ۽ سفارتڪار“ جي موضوع تي ٻَڌل ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. احسن اقبال چيو ته اڄ مان هڪ اهڙي ذهنن آڏو آه??ان جيڪي پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ڪرڻ وارن انتهائي بااثر ذهنن کي گڏ ڪري ٿو. ملڪ ۽ معاشي ترقي ۽ ان جي ادارن کي جدت سان روشناس ڪرائڻ ۾ انهن ماڻهن جو وڏو هٿ آه??. هي قوم جا اهي معمار آه?? جيڪي اسان جي قوم کي اڳتي وڌائڻ ۾ قيادت، پيداواريت، جدت ۽ معياريت جي علامت آه??. هن چيو ته مان اعجاز نثار ۽ سندس ٽيم جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن کي گڏ ڪرڻ تي دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، اوهان جو اهو عزم اسان جي معاشي استحڪام ۽ اسان جي قوم جي روشن مستقبل جي دليل آه??. احسن اقبال چيو ته آزادي جي 77 سالن کان پوءِ به پاڪستان هڪ نازڪ دؤر مان گذري رهيو آه??، اڄ اسان معاشي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيا آه??ون، قدرت اسان کي ڀرپور قدرتي وسيلن، وسيع زرعي ايراضي، معدني ذخيرن ۽ هڪ نوجوان متحرڪ افرادي قوت سان نوازيو آه??. هن چيو ته عدم استحڪام ۽ اسان جي سوچ جي جمود سبب خوشحاليءَ طرف اسان جو سفر رڪاوٽن سبب ٻه چار آه??. پاڪستان کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ لاءِ عدم استحڪام، معاشي بحالي ۽ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آه??، اسان ماضيءَ ۾ ترقيءَ جا بيشمار موقعا وڃايا، ماضيءَ ۾ ترقيءَ جي موقعن اسان جا دروازا کٽڪايا پر اسان فائدو کڻڻ ۾ ناڪام وياسين. ان جو بنيادي سبب سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسي ۾ عدم تسلسل رهيو آه??. اسان جڏهن 2013ع ۾ حڪومت ۾ آياسين اسان کي دهشتگردي، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ۽ معاشي بحران آڏو هئا. اسان اهڙا قدم کنيا جو 2018ع تائين ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو. هن چيو ت?? لوڊشيڊنگ ختم ٿي، ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، اسان جي پُراڻي دوست چين 29 ارب ڊالرن جي سي پيڪ تحت سيڙپڪاري ڪئي. هر وقت سفارتڪار منهنجي آفيس ۾ ويٺل رهندا هئا اسان ڪنهن به طرح سي پيڪ ۾ صنعتي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. سي پيڪ جهڙن منصوبن ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اع??ما?? کي بحال ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان 2018ع ۾ هڪ اهڙي حڪومت آئ?? جنهن پوري دنيا ۾ پاڪستاني قوم کي چور ڊڪليئر ڪيو. جيڪي منصوبا اسان شروع ڪيا انهن کي روڪيو ويو. هن چيو ته مونکي جيل ۾ رکيو ويو، سرعام چور ڦورو چيو ويو. سي پيڪ کي بند ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، سمورا سيڙپڪار ملڪ مان ڀڄي ويا. هڪ ڀيرو اسان پوءِ فائيو ايز معاشي بحاليءَ جو فريم ورڪ جو نئون روڊ بڻايو آه??. منصوبا بندي وزارت ڊولپمينٽ فريم ورڪ فائيو ايز تحت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ ترقيءَ جي راهه تي ٻيهر آڻڻ جو منصوبو پيش ڪيو آه??، جنهن تحت روانگي واپار، ڊجيٽل ترقي، ماحوليات، توانائي ۽ـ مساوات کي ترجيح ڏني وئي آه??. گذريل 16 سالن دوران حڪومت مهانگائي تي قابو آڻڻ، معاشي استحڪام لاءِ سخت قدم کڻڻ ۽ عالمي مالياتي ادارن جو اع??ما?? بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آه??. معاشي ترقي لاءِ مضبوط پاليسين جو تسلسل ضروري آه??. ملڪ کي ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي آڻي هڪ مضبوط معيشت ۾ تبديل ڪرڻ حڪومت جو عزم آه??. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو آه?? ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سڀ کان اهم عنصر اع??ما?? جي بحالي آه??. هن وقت حڪومت جو سڀ کان وڏو چئلينج هي ملڪ کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ آه?? جنهن ۾ نجي ادارا ۽ سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ملڪي معاشي ترقي ۽ ادارن کي جدت سان روشناس ڪرائڻ ۾ سي او اوز ۽ سفارتڪارن جو وڏو هٿ آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی