اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چ??و آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون ولي?? جي گهر سندن خاندانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي واپار واري وفاقي وزير چيو ته شهيدن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چ??و ته قوم حوالدار محمد منير عباسي ۽ ٻين شهيدن جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي قيمتن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڄام ڪمال خان شهيد حوالدار محمد منير عباسي جي ٻارن کي سندن تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چ??و ته حوالدار محمد منير عباسي شهيد جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن سرڪاري ڪوارٽر ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪوارٽر ??يج??و آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. حوالدار منير عباسي 6 آگسٽ 2015ع تي دريابي واري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي پڦين سان هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي هارون ولي?? جي رهائشگاهه تي شهيد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ سندن پونئيرن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي هارون وليم ??يج??ڙ ۾ ئي 21 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. وفاقي وزير شهيد جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي وارثن کي هر قس?? جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرا??ي. ??ام ڪمال خان سپاهي هارون ولي?? جي والد ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاران شهيد حوالدار محمد منير عباسي ۽ سپاهي هارون وليم کي خراجِ تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز