ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار او??س لغاري چيو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي ق??مت?? ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز سان صارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ڳالهه ٻ??له?? کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار او??س لغاري جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ کان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن جي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار او??س لغاري چيو ته وزارت مان سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ان جو چوڻ هو ته اسان جو هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيو وڃي جنهن جو فائدو سنگل ۽ ٿري فيز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ هيلپ لائن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪارڪردگي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز سان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻ??له?? ٿي.
عوام کي ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي: سردار اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada