اسلام آباد-18 آگسٽ (ا?? پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊ??ر توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پيٽروليم شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته پيٽروليم شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيا وڃن. جڏهن ته نائب وزيراعظم مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ا??هار ڪيو ته جيئن شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ مدد ملي سگهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پيٽروليم شعبي جي اي اين?? پي ڪمپنين کي درپيش مسئ??ن تي غور لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي مقامي ۽ پرڏيهي اي اين?? پي ڪمپنين جي سربراهن سرڪلر قرض جي وڌڻ سبب شعبي جي سيڪيورٽي ?? استحڪام بابت پنهنجي خدشن جو ا??هار ڪيو .ڪميٽي جي خانگي شعبي جي ميمبرن پڻ ڊائون اسٽريم گئس شعبي بابت پنهنجي خدشن جو ا??هار ڪيو ۽ ان جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي ڪمپنين لاءِ سيڪٽر کي کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس دوران تفصيلي ڳالهين کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن جي صنعت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.فورم پيٽروليم ڊويزن کي اوگرا آرڊيننس ۾ مناسب ترميمون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جئين گئس جي اگهن ۾ ماهوار يا ٽه ماهي بنيادن تي ايڊجسٽمينٽ لاءِ هڪ طريقيڪار متعارف ڪرائي سگهجي.سيڪيورٽي مسئلن جي حوالي سان گهرو ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته اي اين?? پي ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي سهڪار لاءِ قدم کنيا وڃن.
پيٽروليم شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيا وڃن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری