اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته فلسطين ۾ صيهوني رياست انسانيت جي خلاف ظلم جي هر حد پار ڪري چڪي آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته معصوم فلسطينين جي فوري طور تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، جنيوا ڪنوينشن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي پڌرنامي، سڄي د??يا پاران جنگبندي جي اپيلن، سڀ ڪجهه ئي بارود جي ور چڙهي چڪو آ??ي، د??يا تي بي حسي ۽ بارود جو راڄ آهي، د??يا جي امن ۽ ترقي کي انهن قدمن کان خطرو آ??ي، عالمي ادارا ۽ د??يا ان جو نوٽيس وٺن. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هڪ اهڙي وقت جڏهن پورو پاڪستان ۽ اسلامي د??يا تهران ۾ اسماعيل هنيه جي شهادت تي ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي، ??ي خوش آئنده آهي ته هي معزز ايوان متفقه قرارداد کڻي آيو آ??ي، ان تي حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين ۽ متحده اپوزيشن سڀني جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن ايوان جو ڀرپور آواز د??يا ۾ گونجندو ۽ ان سان پاڪستان جي دشمنن جُون دليُون ڌُڏي وينديُون ۽ پاڪستان جي دوستن کي سگهه ملندي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ان حوالي سان اتحادي پارٽين جو اجلاس به منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ انهن ڀرپور رهنمائي فراهم ڪئي. هن چيو ته اسان بهادر فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي تاريخ جي بدترين ظلم، ڏاڍ ۽ سفاڪي کي منهن ڏئي رهيا آهن، فلسطين مقتل گاهه بڻجي چڪو آ??ي، صيهوني رياست 9 مهينن کان قتل عام ڪري رهي آهي ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ٻارن، عورتن سميت فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آ??ي، اتي جون بستيون قبرستان بڻجي چڪيون آهن جتي ٻارن جي کيڏڻ جا آواز ۽ مسڪراهٽون هونديون هيون، اتي رڙيون ۽ واڪا آهن، هر طرف رت انسانيت جي روح کي جنجهوڙي انصاف طلب ڪري رهيو آ??ي ته هي ظلم ڪڏهن ختم ٿيندو. هن چيو ته ان فلسطيني ڌيءَ جي صدا اسان جي ڪنن ۾ گونجي رهي آهي ته جنهن اهو موقف اختيار ڪيو هو ته اسان کي مسلمان هجڻ، هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃڻ جي ڪري ماريو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هي سوال ان ناانصافي جي ڪري آهي ته اسرائيلي ڏاڍ عالمي ادارن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن تي عمل نه ٿي رهيو آ??ي، سڄي د??يا جا ڪروڙين مسلمان ۽ هر مذهب سان تعلق رکندڙ اربين انسان به اڄ اهو ئي سوال ڪري رهيا آهن، هي ڪنهن خاص مذهب يا عقيدي جو سوال نه آهي، هي قانون ۽ عدل کي هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ جو سوال آهي، هي ان ٻار جو سوال آهي جنهن کي د??يا ۾ اک کوليندي ئي رت سان وهنجاريو ويو، هي ان ماءُ جو سوال آهي جيڪا اڄ شهادت ماڻي چڪي آهي ۽ ان جي شهادت کانپوءِ ان جي ٻار جنم ورتو. هن چيو ته هي انهن اصولن ۽ قراردادن تي عملدرآمد جو سوال آهي جنهن جي لاءِ گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ انساني حقن جون تنظيمون وجود ۾ آيون هيون. وزيراعظم چيو ته اصل سوال ان انصاف جو آ??ي جنهن جي سنهري اصولن تي انهن جا چارٽر تيار ٿيا، د??يا کي انصاف جو گهوارو بڻائڻ جي نويد ٻڌائي وئي، اڄ انهن انسانن جو رت پڪاري انصاف طلب ڪري رهيو آ??ي. هن چيو ته اڄ عالمي ضمير پاڻ ڪٽهڙي ۾ ڏوهاري وانگر بيٺل آهي، ان جو هڪ ڏينهن جواب ته ڏيڻو پون??و، جڏهن کلي عام عالمي ضابطن جون ڌڄيون اڏايون وڃن، جڏهن بيگناهه انسانن جون بستيون خاڪ ۽ رت ۾ ڌوتيون وڃن، جڏهن گڏيل قومن ۽ ميڊيا جون آفيسون، اسپتالون ۽ اسڪول درندگي جو نشانو بڻجي وڃن ته اهڙا سوال ته اٿندا، صبر جو پئمانو ته لبريز ٿين??و، فلسطين ۾ صيهوني رياست انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ ظلم جي هر حد پار ڪري چڪي آهي، انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، جنيوا ڪنيونشن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا پڌرناما، سڄي د??يا پاران جنگبندي جون اپيلون، سڀ ڪجهه بارود جي ور چڙهي چڪو آ??ي، د??يا تي بي حسي ۽ بارود جو راڄ آهي، د??يا خاص طور تي اسلامي د??يا ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو لاوو ٻڙڪي رهيو آ??ي، جيڪڏهن انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون ۽ بيگناهه انسانن جي قتل عام جي مرتڪب رياست کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته عوامي ڪاوڙ جي لاوي کي روڪڻ پوءِ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي، پوري د??يا جو امن ۽ ترقي ان ۾ ختم ٿي وڃڻ جو خطرو موجود آهي. هن چيو ته ڪبوتر وانگر اکيون بند ڪرڻ سان ڪم نه هلن??و، 31 جولاءِ تي اسماعيل هنيه کي ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن هو تهران ۾ ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود هو، هي امن جي ڪوششن جي لاءِ تمام وڏو ڌچڪو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ان قتل جي شديد مذمت ڪندي شهيد جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، پاڪستان عدالت کان مٿانهون ۽ علائقائي حدن جي خلاف ورزي ڪري ڪيل قتل ۽ هر طرح جي دهشتگردي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو، ان ڪارروائي ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، صيهوني رياست انهن ڏوهن ۾ ملوث آهي، هي اسرائيل جي بي رحماڻين ڪاررواين جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته هن سال 10 اپريل تي اسماعيل هنيه جا 3 پٽ ۽ 4 پوٽيون شهيد ڪيون ويون، د??يا جي تاريخ ۾ ان کان وڌيڪ ظلم ۽ زيادتي جو داستان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ نٿو اچي جڏهن ته ان کان وڌيڪ قربانين جي ٻي ڪا داستان نٿي ٿي سگهي، تاريخ انهن قربانين کي سنهري لفظن ۾ لکندي ۽ اهي قربانيون ضايع نه وينديون، اهو رت رنگ لائين??و، اسماعيل هنيه پاڻ به شهادت جي بلند ترين رتبي تي فائز ٿي ويو آ??ي، جيڪا قوم اهڙيون عظيم قربانيون ڏئي رهي هجي ان کي ڪڏهن به شڪست نٿي ڏئي سگهجي. گذريل ڏينهن اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي وئي، اڄ 2 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان فسلطين کي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکندو ۽ مظلوم فلسطينين جي لاءِ طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻن??و، زخمين کي علاج جي لاءِ پاڪستان آندو وين??و، اسان فيصلو ڪيو ته فلسطيني شاگردن کي انهن جي تعليم جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ هنگامي بنيادن تي انهن کي داخلا ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته معصوم فلسطينين جي فوري طور تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تائين پهچ يقيني بڻايو وڃي، او آءِ سي جي پليت فارم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته جمعي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار جي ايوان متفقه قرارداد پڻ منظور ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سفارتي پاليسي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مضبوط موقف جي بنياد تي اڄ به جاري آهي.
فلسطين ۾ صيهوني رياست انسانيت جي خلاف ظلم جي هر حد پار ڪري چڪي آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته معصوم فلسطينين جي فوري طور تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں