اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهب??ز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏ??اريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهب??ز شريف سان آذربائيجان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف وزيراعظم ??ائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار بابائيف وزيراعظم کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلا?? ۾ ??رڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي دعوتنامي تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتماع آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏ??و. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي حوالي سان آذربائيجان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏ??اريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهب??ز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا ط??ي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha