اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي مختلف ??يم??رن جي قومي ۽ صوبائي اسيبلي جي ??يم??ر طور حلف کڻڻ سبب خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. انهن سيٽن تي چونڊ 14 م??رچ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن ??رف??ن جاري شيڊول مطابق سيد يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري قومي اسيمبلي جا ??يم??ر چونڊجي ويا. نث??ر کهڙو، ڄام مهتاب حسين ڊاهر سنڌ اسيمبلي جڏهن ته سرفرار احمد بگٽي، پرنس احمد عمرزئي بلوچستان اسيمبلي جا ??يم??ر چونڊجي ويا. انهن جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ حلف سان خالي ٿيل سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن تحت اميدوارن ??رف??ن نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 3 مارچ جڏهن ته انهن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 7 مارچ، انهن تي ٽريبيونل جي ??رف??ن فيصلا 9 مارچ جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تي واپس وٺي سگهجن ٿا. پولنگ 14 م??رچ تي پارليامنٽ هائوس، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي عمارتن ۾ 9 کان 4 وڳي تائين ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی