اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا پ??را?? انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسطيني عوام تي ڪيل ظلمن ۽ 1951ع جي نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اس??ائ??ل پ??را?? پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قانوني ڪارروائي کي وقت سر سمجهون ٿا ۽ اس??ائ??ل کي 7 آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ اهم قد?? سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي درخواست ۾ اٿاريل خدشن جو پاڪستان پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اس??ائ??ل جي جاري فوجي جارحيت ۽ فلسطيني عوام جي خلاف قد?? جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، اس??ائ??ل پ??را?? فلسطيني عوام جي بيدردي سان قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته فلسطين مسئلي جو واحد منصفاڻو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جو قيام آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پاڪستان ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ اسرائيلي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن