اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، ??شر??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافين ۽ ميڊي?? ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي، حڪومت جون همدرديون ميڊي?? ورڪرز سان گڏ آهن، صحافين ۽ ميڊي?? ورڪرز کي مليل قانوني تحفظ تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ ميڊي?? ورڪرز جي جبري برطرفين جي حوالي سان پيمرا چيئرمين سان پڻ ڳالهه ٿي آهي جڏهن ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ٽپهر ٿيندو، ان مسئلي بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي چيئرپرسن سان پڻ ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته قانون تحت جيڪي به قدم ممڪن ٿيا، اسان کڻنداسين، حڪومت جون همدرديون ميڊي?? ورڪرز سان گڏ آهن، ميڊي?? ورڪرز ۽ صحافين کي جيڪو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران صحافين سينيٽ جي پريس گيلري مان مختلف ميڊيا ادارن مان صحافين جي جبري برطرفين جي معاملي تي واڪ آئوٽ ڪيو هو.
صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز سان گڏ بيٺل آهيان، صحافين جي جبري برطرفين جو مسئلو قابل قبول نه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر