مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه هو، نه آهي ۽ نه هوندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ جا 4 ڄامڙا ويهي ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي ختم نٿا ڪري سگهن، اسان اهڙن فيصلن ۽ اهڙي قانون کي جُتيءَ برابر سمجهُون ٿا، جنهن ۾ ڪشميري ??وا?? جو ڪو عمل دخل نه هجي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان ڪشميري قيادت جي مشاورت سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهينداسين، ڪشميرين جي خودمختياري جو حق مڃيل آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چي?? ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري دوران سندس ڪشميري ۽ حريت قيادت سان ??لاقاتون ٿيون، شاگردن ۽ ڪابينا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، جنه?? سان صورتحال کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ جائزو وٺڻ جو موقعو مليو. منهنجو دورو انتهائي مثبت ۽ تعميري رهيو آهي، آزادي جي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ سڀ کان اهم آهي، مقامي گورننس ۽ ٻين معاملن جي به يقيني طور تي پنهنجي اهميت آهي پر اسان جو اصل هدف پ??ڪس??ان جي خواب جي تڪميل ۽ ڪشميري ??وا?? جي خواهشن ۽ امنگن کي عملي جامعو پارائڻ آهي. ان حوالي سان دوري دوران اهم مشاورت ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران ??زيراعظم چي?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪو به هڪطرفو فيصلو ڀلي اهو ڪنهن به قانوني اسيمبلي يا عدالت پاران ??جي، ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي ۽ نه ان جي ڪا اهميت آهي، اسان اهڙن فيصلن ۽ اهڙي قانون کي اسان جُتيءَ برابر سمجهُون ٿا جنهن ۾ ڪشميري ??وا?? جو ڪو عمل دخل نه هجي، ڪشميري پنهنجي هڪ لک شهيدن جي قربانين کي وساري ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪڏهن نه جهڪندو، ڪشمير جي حريت قيادت کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن حصو هو ۽ نه انشاءَ الله رهندو، ڀارت گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هڪ عبوري انتظام جي حد ۾ رهي ۽ ان حد کي پار نه ڪري. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تحت ٿيندو جن ۾ ڪشميري ??وا?? جي خودمختياري جو حق تسليم ڪيو ويو آهي، ڪا اسيمبلي ۽ عدالت ڪشميرين جو فيصلو نه ڪندي، پ??ڪس??ان ڪشمير جو ڪيس صف اول تي وڙهندو، پنهنجي زمين ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڀرپور وڪالت ڪندو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وا?? پ??ڪس??ان کي پنهنجو پوٽينشل سٽيزن سمجهي ٿي، هي مستقبل جا پ??ڪس??اني شهري آهن، اسان انهن جي حقن جي پائمالي جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين، ان سلسلي ۾ جيڪو به ممڪن ٿيندو ڪنداسين. هن چي?? ته انهي سلسلي ۾ ڪشميري قيادت سان ??ڪ ڊگهو مشاورتي اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو وي?? ته اسلام آباد ۾ جلد نه رڳو ٻيهر اجلاس ٿيندو پر باقاعده رابطا ٿيندا، جنهن ۾ تحريڪ کي متحرڪ ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان سوچيو ويندو. سڀئي طبقا ان ڳالهه ٻولهه ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران ??زيراعظم چي?? ته پرڏيهي وزارت ۽ مشنز متحرڪ نظر ايندا، ڪشميري قيادت جي معاونت ۽ رهنمائي به حاصل ڪنداسين. آزاد ڪشمير ڪابينا سان ??عاشي پئڪيج ۽ مختلف منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان حوالي سان ??ثبت اڳڀرائي ٿي آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان اسان ??يجهي رابطي ۾ آهيون، جيڪو به تعاون اسان ??اران ضروري هوندو فراهم ڪنداسين. ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران ??زيراعظم چي?? ته ڪشميرين جي پنهنجي تحريڪ سان ??ابستگي مڃيل آهي. ڪشميري بهادر ۽ پرعزم آهن، تحريڪن ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ڪشمير ڪاز تمام وڏو آهي، تحريڪ جي دوران ??ختلف مرحلا ايندا رهيا آهن پر تحريڪ ڪڏهن به ختم ناهي ٿي، اها تحريڪ سدائين زندهه رهندي، ڪشميري ??وا?? پنهنجي هڪ لک جي لڳ ڀڳ شهيدن، عورتن جي بي حرمتي، 15 هزار کان ??ڌيڪ جبري گمشدگيون، گڏيل قبرون ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کي وساري گهرن ۾ نه ويهي رهنداسين. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿيندو، دنيا ڪشمير تي ڀارت جي موقف کي تسليم نه ٿي ڪري، ڀارتي سپريم ڪورٽ جا 4 ڄامڙا ويهي قومي تحريڪ کي ختم نٿا ڪري سگهن. ڪشمير جي تاريخ صدين تي ٻڌل آهي، ڀارت جي هڪطرفي قدم?? سان آزادي جي جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو خواب ۾ آهن ته اهي به جاڳن. ڪشمير نسل در نسل آزادي جي تحريڪ کي جيئرو رکيو آهي، ڀارت کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته ان تحريڪ کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. پ??ڪس??ان جي 24 ڪروڙ ??وا?? ڪشميري?? سان گڏ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران ??زيراعظم چي?? ته اسان ??ئين توانائي سان گڏجي ڪشمير جي لاءِ ڪم ڪريُون ۽ گڏجي هڪ متفقه حڪمت عملي جوڙي وڃي.
ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه هو، نه آهي ۽ نه هوندو، ڀارتي سپريم ڪورٽ جا 4 ڄامڙا ويهي ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي ختم نٿا ڪري سگهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria