اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز انهن آرڊيننسز جي فوري ضرورت تي صدر کي ??ريفنگ ڏني جيئن ته انهن چئن رياستي ملڪيت انٽرپرائيزز (ايس او اي) جي حوالي سان هلندڙ سال جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان اتفاق راءِ ٿيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب انهن ادارن جي قانونن ۾ تر??يمن جن تي صدر صحيحون ڪيون آهن، انهن کي ??نوري 2023ع ۾ لاڳو ڪيل رياستي ملڪي ادارن (گورننس اينڊ آپريشن) ايڪٽ 2023ع ??وجب آڻڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. خدمتن جي فراهمي جي معيار کي ??ڌائڻ ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط آڻي ايس او ايز جي گورننس ۽ آپريشنز کي ??هتر بڻائڻ آهي. حڪومت هاڻي ايس او اي قانون جي شقن کي ??هڙن ادارن تائين توسيع ڏيڻ جي عمل ۾ آهي جيڪي خصوصي قانونن تحت هلن ٿا ان سان انهن جا آپريشنز موثر ۽ شفاف ٿيندا. اهي تر??يمون رياستي ملڪيتي ادارن (ايس او اي) سڌارن جو حصو آهن جن تي پاڪستان حڪومت عالمي حصيدارن سان اتفاق ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ايس بي اي ۾ هڪ بئنچ مارڪ طور شامل آهن. نئين تر??يمن ذريعي بورڊ جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي آفيسن کي ??ٿي ڄاڻايل سمورن ادارن ۾ جدا ڪيو ويندو ته جيئن عالمي بهترين طريقن موجب بهترين گورننس کي ??قيني بڻائي سگهجي. انهن ادارن جي بورڊز ۾ آزاد ميمبرن کي ??امل ڪيو ويندو جيڪي فيصلاسازي جي عمل ۾ نئين تصورن ۽ آزاداڻي مهارت جو اضافو ڪندا. آزاد ميمبرن جي ملازمت جي مدي جي حفاظت کي ??ڻ يقيني بڻايو ويو. اهي تر??يمون ايس او ايز ايڪٽ جي ٻين شقن جي لاڳو کانسواءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ سالياني بزنس پلان جي تياري سميت عوا??ي آگاهي کي ??ڻ يقيني بڻائينديون. اهو يونٽ ناڻي واري وزارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ايس او ايز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، سالياني بزنس پلان جي تياري ۽ عوام کي ??گاهه ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ رپورٽس تيار ڪرڻ آهي. انهن قدمن سان انهن ايس او ايز جي فعاليت، نگراني ۽ شفافيت کي ??قيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. سي ايم يو اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان باقاعدگي سان رپورٽ پيش ڪندو، اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي انهن ايس او ايز جي ڪمزورين ۽ خوبين کي ??اضح ڪري سگهبو. مجموعي طور تي انهن سرڪاري ادارن جي قانونن ۾ تر??يمن سان بهتر طرز حڪمراني، خدمتن جي فراهمي ۽ عوام کي ??وابدهي يقيني ٿي سگهندي.
وفاقي حڪومت پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری