بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ ۽ روس جي صد?? ولاديمير پيوٽن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ ۽ روسي صد?? ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات جي لاءِ اچڻ تي روسي صد?? ولاديمير پيوٽن نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??اڪ??تان ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ روس ڪيترن ئي علائقائي ۽ ع??لم?? معاملن تي گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آهيان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي، 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي جي وڏي مارڪيٽ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. روس جي صد?? ولاديمير پيوٽن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ع??لم?? سطح تي غذائي تحفظ جي لاءِ روس قدم کڻي رهيو آهي، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea