اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ قطر ف??مل?? تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي في??لي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدا??ت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪمپني اصل رقم منافعي سان گڏ واپس ڪري. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪا??ت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کانپوءِ رقم منافعي سان گڏ واپس ملي ويندي، صارف کي 11 سالن جي لاءِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سان گڏ چار پاليسي??ن جاري ڪيون ويون، شڪا??ت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. صارف 20 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪا??ت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي في??لي جي خلاف ڪمپني صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن جي منافعي سان گڏ واپس ڪري، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئيم تي ڪيتريون ئي انشورنس پاليسي??ن جاري ڪيون ويون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپني ايتري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب منافعو ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پلان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪا??ت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سالن جي لاءِ آهي، صارف 11 سالن جي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، منافعو ڪمايو، ڪو شخص غيرمنصفاڻي طور تي ٻين جي وسيلن تي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪا??ت ڪندڙ کي منافعي ۾ ان جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني منافعو ڪمايو پر غيرمنصفاڻي طور تي صارف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر ف??مل?? تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي في??لي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپني رقم تي وڌيڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ته ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪا??ت ڪندڙ کي منافعي سان گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.
صدر پاران پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ انشورنس ڪمپني کي منافعي سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری