اسلام آبا?? – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملاق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفص??لي مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ خالد مقبول صديقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ سنڌ خا?? طور تي شهري علائقن جي لاءِ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن ڪراچي ۾ پاڻي جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سالن کان تعطل جو شڪار ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پي?? ڪيو. خالد مقبول صديقي ملڪي سامونڊي علائقن ۾ بپرجوائي طوفان جي امڪاني اثرن جي ڏس ۾ رياست جي سمورن وسيلن کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری