اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرگرم ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حق?? جي محافظن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??سان کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ملڪيت?? جي ضبطگي جي بار بار ٿيندڙ ڪاررواين تي ڳڻتي آهي، ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ رياستي تحقيقاتي ايجنسي (ايس آئي اي) ڪيترن ئي ڪشميري ڪارڪن?? جي غيرمنقولا ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي انداز ۾ ڪارروائي ڪئي آهي، ايس آئي اي 2021ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ کان هيستائين اهڙيون 124 ملڪيتون ضبط ڪيون آهن. هن چيو ته ??سان سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ۽ حريت تحريڪ جي اڳواڻ اياز اڪبر جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڀارت جي تازي قدم جي مذمت ڪريون ٿا، اياز اڪبر فرضي الزامن ۾ 2017ع کا?? جيل ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت کي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حق?? جي سرگرم ڪارڪنن کي انه?? جي جائز ملڪيتن کان بيدخل ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، ڪشميري پنهنجي سرزمين جا حقيقي وارث آهن، اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ??يرڪشميرين کي تڪراري علائقي ۾ زمين ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي جڏهن ته ڪشميري?? جي ملڪيتن کي ضبط ۽ تبا??ه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجا?? جي دوري دوران ٻئي ڌريون توانائي، ثقافت، بئنڪاري، تعليم، دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي تعاو?? جي مختلف شعبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. ان کانسواءِ ٻئي ملڪ ثقافتي تعاو?? جي هڪ پروگرام ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جي فارن سروس اڪيڊمي?? جي وچ ۾ تعاو?? جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ايران ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻارهون دور 17 ۽ 18 جون تي تهران ۾ ٿيندو. پرڏيهي ??يڪ??يٽري پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته ??يران جو سياسي معاملن وارو نائب پرڏيهي وزير علي باقري ڪني ايراني وفد جي قيدت ڪندو. اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپ?? جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، سرحدي سلامتي، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ ثقافت جي شعبن جو احاطو ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون علائقائي صورتحال خاص طور تي افغانستان، ڪشمير، ايران سعودي عرب سفارتي لاڳاپ?? جي بحالي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪنديون. ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ جاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪنديون. تهران ۾ پرڏيهي ??يڪ??يٽري ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز کي خطاب ڪندو. هو اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ??يڪ??يٽري جنرل ۽ پاڪستان ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو. ان فورم جو آخري اجلاس آڪٽوبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان – بيلجيئم ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. ايڊيشنل پرڏيهي ??يڪ??يٽري (يورپ) سفير محمد سليم پاڪستا?? جي قيادت ڪندو جڏهن ته ??يلجيئم جي وفد جي قيادت ڊائريڪٽر جنرل، ٻطرفن معاملن، پرڏيهي وزارت، بيلجيئم سفير ڪور مين ڪندو. ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ بيلجيئم لاڳاپ?? جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ ايندڙ سال جي لاءِ ٻطرفي مصروفيتن ۽ تعاو?? جي ايجنڊا طئي ڪنديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٻيلجيئم عالمي فورمز بشمول گڏيل قومن ۾ تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه آهي. هن چيو ته پاڪستان بيلجيئم سان واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي تعاون، سياحت ۽ مزدور?? جي چرپر جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
پاڪستان پاران ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرگرم ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری