اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ??ي پي) تحت انساني حقن واري ڊويزن جي 12 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ ڪل 814 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام موجب حڪومت انساني حقن واري وارت جي جاري ترقياتي منصوبن جي لا??ِ مجموعي طور تي 184.295 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن تحت انساني حق انفارميشن مئنيجمينٽ سسٽم (ايڇ آر آئي ايم ايس) جي لاءِ 8 ملين رپيا، انساني حقن واري وزارت ۾ پي ايم يو قائم ڪ??ڻ جي لاءِ 23 ملين رپيا، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن ۾ پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪ??ڻ جي لاءِ 5 ملين رپيا، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيندڙ ضلعن ۾ انساني حقن جي ذيلي آفيسون قائم ڪ??ڻ جي لاءِ 19 ملين رپيا، انساني حق آگاهي پروگرام جي لاءِ 18 ملين رپيا، انساني حق ڪوآرڊينيشن اينڊ مانيٽرنگ يونٽ جي لاءِ 19 ملين رپيا، انساني حق ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ 8.795 ملين رپيا، انساني حقن واري وزارت جي اداراجاتي مضبوطي جي لاءِ 31 ملين رپيا، اسلام آباد ۾ ٽرانس جينڊر پروٽيڪشن سينٽر ??ي پائليٽ پروگرام جي لاءِ 15 ملين رپيا، اسلام آباد جي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ خصوصي ٻارن جي تعليم ??ي پائليٽ پروگرام جي لاءِ 10 ملين رپيا، اسلام آباد ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ سينٽر جي تعمير ??ي پي سي ٽو جي فزيبلٽي اسٽڊي جي لاءِ 7.500 ملين رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي ايڇ – 9 سيڪٽر ۾ چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪ??ڻ جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ، فزيبلٽي اسٽڊي، ڊيزائن، بائونڊري وال جي تعمير جي لاءِ 10 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انساني حقن واري وزارت جي لا??ِ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ??ي پي) تحت نئين اسڪيم کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نئين اسڪيم تحت اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي لاءِ چائيلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ قائم ڪ??ڻ جي لاءِ 15.705 ملين رپيا، انساني حق تربيتي سينٽر قائم ڪ??ڻ جي لاءِ 114 ملين رپيا جڏهن ته وزيراعظم جي وومين موبيليٽي/ وومين آن وهيلز بابت اسٽريٽجڪ ريفارم انيشي ايٽو جي لاءِ 500 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پي ايس ڊي پي تحت انساني حقن واري ڊويزن جي 12 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ ڪل 814 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم