اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا م??يا آهن ۽ انهن جي حب الوطني جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پو??ئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 4 مئي تي ديردوني اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر حوالدار سليم ۽ نائيڪ جاويد جي پو??ئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاه?? بسم الله جان، سيد رجب ۽ حضرت بلال جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيندي انهن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پو??ئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
صدر پاران شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي کين سلام پيش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان