اسلام آباد – 04 – ??ئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪامياب رهندو. پرڏيهي وزير ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گووا پهچڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ج?? اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. اميد ڪريان ٿو ته ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس تمام گهڻو ڪامياب رهندو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ک?? اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونس?? جي موجوده سربراهه ڀا??تي پرڏيهي وزير ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ