اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪ??ريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪس??ان جي قومي اسيمبلي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي ط??ح اها قرارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم جي عهدي تي برقرا?? رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اعتماد لازمي آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں