اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ۾ دهشتگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت کان بچائڻ آهي، دهشتگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪو??يج جو هڪ عالمي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بن?? ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگردن کي پڻ ??دد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آ??اد?? جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آ??اد?? تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.
دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔